جيئن ڏٺو آهه مون

جيئن ڏٺو آهه مون

جيئن ڏٺو آهه مون ( اردو ترجمو)

جيئن ڏٺو آهه مون ( اردو ترجمو)

جيئن ڏٺو آهه مون ( انگريزي ترجمو)

جيئن ڏٺو آهه مون ( انگريزي ترجمو)

جيئن ڏٺو آهه مون

جيئن ڏٺو آهه مون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مفڪر ۽ سياستدان جي. ايم. سيد جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن مذهب جي باري ۾ پنهنجي ذهن جي ارتقا بيان ڪئي آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته ڪيئن ٻين مذهبن جي عقيدن جي ڄاڻ، تاريخ ۽ فلسفي جي مطالعي، ماديت جي نظريي جي واقفيت ۽ مجازي عشق جي مرحلن بعد هن جي عقيدن ۽ معلومات ۾ ڪافي تبديلي آئي، جن جو اظهار هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. سيد صاحب لکيو آهي: ”اهي منهنجا شخصي رايا آهن، جن کي حق جي ڳولا ۾ هڪ فرد جي تجربن سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي. ان لاءِ آءٌ صداقت جي هڪ هٽيءَ (Monopoly) جـي دعــويٰ نـه ٿـو ڪـريـان“. جي. ايم.سيد هن ڪتاب ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته قانون ارتقا (Law of Evolution) موجب، هر زماني ۽ دور ۾ نوان راز کلڻا ۽ نوان نياپا اچڻا آهن..... مون کي (هڪ صوفيءَ وانگر) هر مذهب ۾ حق جو پرتوو ڏسڻ ۾ آيو آهي.... منهنجي نظر ۾ صوفيءَ لاءِ اهو ضروري نه آهي ته هو ڪنهن خاص مذهبي عقيدي يا نظريي جو پابند هجي. هو هر مذهب، فلسفي، سائنس، علم ۽ تجربي مان، بنا تفاوت پنهنجي ۽ پرائي جي، فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. صوفي، لاڪوفي (Non-aligned) آهي... هو پاڻ کي ڪنهن محدود دائري ۾ نظربند نه ٿو رکي...“هن ڪتاب جا پنج فصل: مذهب جي تاريخ، مذهب جي پيدائش جا ڪارڻ ۽ ان جي جوڙجڪ جا جزا، مذهب هڪ آهي يا گهڻا، اسلام جا ٻه تعبير ۽ تصوف، جيئن مون ڏٺو آهي- عنوانن تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جو انتساب، سنڌ جي صوفي اعظم، وحدت الوجود، وحدت انساني، وحدت مذاهب جي پرچارڪ، راهه حق ۾ شهادت پاتل ۽ عاشقن جي اُستاد شاهه عنايت شهيد جي نالي ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ارباب نور محمد پليجي، حيدري پرنٽنگ پريس، لجپت روڊ، حيدرآباد مان 31 مئي 1968ع تي ڇپائي ٻني (ضلعي ٺٽي) پڌرو ڪيو. 203 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت ان وقت ٻه روپيا هئي. هن ڪتاب جي اشاعت تي ڪن مذهبي عالمن جي. ايم سيد ۽ پبلشر نور محمد پليجي کي ڪافر قرار ڏنو ۽ مٿس دٻاءَ وجهي کانئس معافي نامو ۽ ’اعلان حق‘ نالي بيان لکائي، ڇپايو ويو. ان تي عالمن تصديق ڪئي ته ”مٿين حقيقت صحيح آهي، تنهنڪري هاڻي وڏيري نور محمد پليجي صاحب کي اسلامي برادريءَ ۾ اڳوڻي وانگر شامل ٿيڻ گهرجي.“ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 76-1975ع ڌاري نئين سنڌ پبليڪيشن، ڪراچيءَ ڇپايو. ان کان سواءِ جي. ايم. سيد اڪيڊمي، سن پاران هن ڪتاب جا ڇهه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، آخري ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 151 صفحن تي مشتمل، جنوري 1998ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن جي قيمت -/100 روپيا آهي. اهڙيءَ طرح روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران ’جيئن ڏٺو آهه مون‘ جا ٽي ڇاپا 2006ع، 2008ع ۽ 2009ع ۾ ڇپايا ويا آهن. آخري ڇاپو ڊيمي سائيز جي 176 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا رکيل آهي.’جيئن ڏٺو آهه مون‘ جو اردو ترجمو ’جيسا مين ني ديکا‘ (1972ع) جي نالي سان ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ‘Religion and Reality’ ۽ ‘My Vision of Religion’ جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو